مواد ڏانھن هلو

جين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون ڊي اين اي يا آر اين اي جي ترتيبي سلسلن، جيڪا فنڪشنل ماليڪيولن جي ڪوڊنگ ڪندا آھن تي آهي. ٻين استعمال لاء جي لاءِ جين (سلجھائپ) ڏسو.
جين، ڊي اين اي ۽ ان جو اڀياس

حياتيات ۾، جين (Gene) کان ٻه معني مراد آهن؛ هڪ وراثتي اڪائي طور، جن کي "مينڊيلين جين" چئبو آهي، جڏهن ته ٻيو "ماليڪيولي جين"، جيڪا ڊي اين اي (DNA) ۾ نيوڪليوٽائڊ جو هڪ ترتيب وارو سلسلو (sequence) آهي، جيڪا هڪ مخصوص ڪم واري آر اين اي (Functional RNA) پيدا ڪرڻ لاءِ نقل يا هن جي وانگر ترڪيب ڪيو ويندو آهي. ماليڪيولي جين جا ٻه قسم آهن؛ پروٽين-ڪوڊنگ جين ۽ پروٽين نان- ڪوڊنگ جين. [1] جين جي اظهار دوران (يعني جين مان آر اين اي يا پروٽين جي ترکیب دوران)، ڊي اين اي پهرين آر اين اي ۾ نقل ڪيو ويندو آهي. آر اين اي سڌو سنئون ڪم ڪري سگهي ٿو يا پروٽين جي ترکیب لاءِ وچولي ٽيمپليٽ ٿي سگهي ٿو.

هڪ جاندار جي نسل ۾ جين جي منتقلي، هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين وراثت جي ڦيڻو ٽائپ خاصيتن جي بنياد آهي. اها جين (فينو ٽائپ جين)، ڊي اين اي ۾ مختلف ترتيب وار سلسلا ٺاهيندا آهن، جنهن کي گڏجي هڪ جينوٽائپ سڏيو ويندو آهي، جيڪو هر ڏنل فرد لاءِ، ڏنل نسل جي آبادي جي جين پول جي اندر مخصوص هوندو آهي. اها جينوٽائپ، ٻين ماحولياتي ۽ ارتقائي عنصرن سان گڏ ٿي، آخرڪار فرد جي فينوٽائپ کي طئي ڪري ٿو.

گهڻا حياتياتي اظهار پولي جينز (ٻئي قسم جي جينز جو هڪ سيٽ) ۽ جين-ماحول جي رابطي جي گڏيل اثر هيٺ ٿيندا آهن. ڪجھ جينياتي اظهار فوري طور تي نظر اچن ٿا، جهڙوڪ اکين جو رنگ يا عضون (limbs) جا انگ، جڏھن ته ٻيا هن ئي وقت نظر نه اچڻدا آهن، جهڙوڪ رت جو قسم، مخصوص بيمارين جو خطرو، يا هزارين بنيادي حياتياتي ڪيميائي عمل (processes) جيڪا زندگي جو جوڙجڪ ٺاهيندا آهن. هڪ جين پنهنجي ترتيب وار سلسلي سان تبديليون (mutations) حاصل ڪري سگهي ٿو، جنهن جي ڪري آبادي ۾ هڪ مختلف قسم (variants)، جن کي ايليل (Alleles) سڏيو ويندو آهي، پيدا ٿين ٿا. اها ايليل هڪ جين جي هڪ ٿوري مختلف ورزن کي انڪوڊ ڪن ٿا، جيڪا مختلف فينوٽائپ واري اظهار جو سبب بڻجي سگهن ٿا.[2] جين جو ارتقا، بنيادي طور تي ايليل جي قدرتي چونڊ يا ٻين لفظن ۾ سڀ کان وڌيڪ مناسب جي بقا ۽ جينياتي وهڪري تي منحصر آهي.


تعريفون

[سنواريو]

تاريخ

[سنواريو]

ماليڪيولر بنياد

[سنواريو]

ساخت ۽ ڪم

[سنواريو]

ساخت

[سنواريو]

ڊي. اين. اي ماليڪيول ڪاربان جي ڪمپائونڊز مان ٺهيل هوندو آهي. ڪاربان ان سلسلي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان مان جيتوڻيڪ روح يا زندگي کي حقيقي طور نه سمجهيو ويو آهي پر اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته پيدائش جا اصول ئي (ٻين اصولن سميت) جاندار جي بنيادي خاصيت آهن.زندگي جي بنياد ۾ جيڪو خاص مادو آهي، اهو اصل ۾ ڪاربان ئي آهي. جيئن مقناطيسي خاصيت 26 کان 28 اليڪٽران وارن عنصرن ۾ ئي ملندي آهي ۽ ريڊيو ايڪٽوٽي جي خاصيت 6 اليڪٽران واري ڪاربان سان تعلق رکي ٿي. بورون ۾ ڪاربان کان صرف هڪ ئي اليڪٽران وڌيڪ هوندو آهي ۽ نائٽروجن ۾ ڪاربان جي ڀيٽ ۾ صرف هڪ اليڪٽران گهٽ هوندو آهي، پر انهن عنصرن جو زندگي سان تعلق نظر نه ٿو اچي.[3]

جين اظهار

[سنواريو]

جينياتي

وراثت

[سنواريو]

جينوم

[سنواريو]

جينياتي انجنيئرنگ

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

باب:حياتيات

ٻاهرين لنڪس

[سنواريو]

سانچو:Gene expression سانچو:Self-replicating organic structures

حوالا

[سنواريو]
  1. The new dictionary of cultural literacy. Boston: Houghton Mifflin. 2002. ISBN 0-618-22647-8. OCLC 50166721.
  2. "Genetic terminology". Statistical Human Genetics. Methods in Molecular Biology. 850. Humana Press. 2012. pp. 1–9. doi:10.1007/978-1-61779-555-8_1. ISBN 978-1-61779-554-1.
  3. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011